جسقم جي شهيد چيئرمين بشير خان قريشي جي ڀاڻيجي حرا قريشي ۽ سندس معصوم نياڻي بسمه کي ڪراچي پوليس آزاد ڪري ڇڏيو، ڪجهه ڏينهن اڳ ٻنهي کي لاڙڪاڻي ۾ گهر تي ڇاپو هڻي گرفتار ڪيو ويو هو، نهي نياڻين جي آزاد ٿيڻ بعد جسقم سڀاڻي ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي اعلانيل ڌرڻو واپس وٺي ڇڏيو، جسقم چيئرمين صنعان قريشي جو چوڻ آهي سخت رد عمل تي حرا کي نياڻي کي آزاد ڪيو ويو ، نياڻي جي آزادي لاءِ ساٿ ڏيڻ تي سڄي سنڌ جو ٿورائتو آهيان.