لاڙڪاڻي جي عدالت قمبر ۾ پلاٽ جي تڪرار تان قتل ٿيل فهميده سيال ڪيس ۾ جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو. لاڙڪاڻي جي دهشتگڙدي جي انت واري عدالت ۾ پلاٽ جي معاملي تان قتل ٿي ويل عورت فهميده سيال واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ فريادي غلام تقي سيال پنهنجي وڪيل رياض کوسو ۽ جوابدار ڌر طرفان ڪيس ۾ نامزد تصور اسراڻ، عزيز عرف ميجر اسراڻ، سيف الله شاهاڻي، طالب لاڙ پنهنجي وڪيل سميت پيش ٿيا. عدالت ڪيس ۾ نامزد جوابدارن مٿان فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو، ٻڌڻي دوران ايس ايڇ او طرفان ڪيس ۾ نامزد پيپلز پارٽي ايم پي اي گهنور خان اسراڻ جي والد ڊاڪٽر غلام شهيد اسراڻ جو نادرا طرفان جاري ڪيل ڊيٿ سرٽيفيڪيٽ جمع ڪرائي ڇڏيو. لاڙڪاڻي جي مختيار نديم اسراڻ جي 89 ايڪڙ زمين بابت تفصيل عدالت ۾ جمع ڪرايا، جوابدار ڌر طرفان وڪيل حبيب الله غوري وڪالت نامو پڻ جمع ڪرايو. جوابدارن مٿان فرد جرم لاڳو ٿيڻ بعد جوابدارن جو ٽرائل 21 مارچ کان شروع ٿيندو. ساڳي ڪيس ۾ نامزد پ پ ايم پي اي گهنور خان اسراڻ جو پيءُ ڊاڪٽر شهيد اسراڻ گذريل 18 فيبروري تي ڪراچيءَ جي خانگي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو هو. ياد رهي ته قمبر ڀرسان خيرپور جوسو ۾ 4 مهينا اڳ پلاٽ جي معاملي تان عورت فهميده سيال کي قتل ڪيو ويو هو.
فريد آباد واسي پشاور ۾ دوست جي اوطاق تي مبينا آپگهات
فريد آباد واسي پشاور ۾ دوست جي اوطاق تي مبينا آپگهات ڪري ڇڏيو، اسلام ڪوٽ ۾ ناريءَ کوهه ۾ ٽپو...