وزيراعظم شهبازشريف واڌايون ڏيڻ تي ڀارتي هم منصب نريندر موديءَ جا ٿورا مڃيا آهن. سماجي رابطن واري ويب سائٽ ٽوئٽر تي ٽوئٽ ڪندي وزيراعظم شهبازشريف چيو ته پاڪستان ڀارت سان پرامن ۽ ٻطرفي سهڪار تي ٻڌل لاڳاپا چاهي ٿو. هن چيو ته والاريل ڪشمير جي غير معمولي تڪرار جو پرامن حل انتهائي ضروري آهي، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي قربانين کان سڄي دنيا واقف آهي. شهبازشريف چيو ته اچو ته امن کي يقيني بڻايون ۽ پنهنجي عوام جي معاشي توڙي سماجي ترقي تي ڌيان ڏيون.
جيڪي حڪمران مٿن مڙهيل آهن اهي 30 ورهين کان چوري ڪري رهيا آهن: عمران خان
پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته مڃيل ڪرپٽ ماڻهو مٿن مڙهيا ويا آهن. اسلام آباد ۾...