روس ايٽمي بليسٽڪ ميزائل جو ڪامياب تجربو ڪري ورتو.پرڏيهي ميڊيا موجب، روسي فوج اربع ڏينهن اعلان ڪيو ته هنن بليسٽڪ ميزائل جو ڪامياب تجربو ڪيو آهي. رپورٽس موجب، ميزائل فرانس جي وڏي علائقي کي تباهه ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو ۽ 18 هزار ڪلوميٽرن تائين رڪارڊ حدف کي نشانو بڻائي سگهي ٿو. روسي بچاءَ واري وزارت جو چوڻ آهي ته ”سرمت“ دنيا جو سڀ کان طاقتوار ميزائل آهي جنهن جي رينج به وڏي آهي، هي ميزائل سندن اسٽريٽجڪ نيو ڪليئر فورسز جي صلاحيت ۾ نمايان اضافو ڪيو. روسي بچاءَ واري وزارت موجب، ميزائل وار هيڊز سان گڏ هائپر سونڪ گلائيڊ گاڏيون به کڻي وڃڻ جي صلاحيت رکي ٿو. پرڏيهي ميڊيا موجب، روس روس ايٽمي بليسٽڪ ميزائل جو ڪامياب تجربو ڪري ورتو آهي. ٻئي پاسي روسي صدر پيوٽن پنهنجي سائسندانن کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته دنيا ۾ اهڙو ميزائل ڪنهن وٽ به ناهي. سندس چوڻ آهي ته زميني ۽ سيٽيلائيٽ تي ٻڌل ريڊار ۽ ٽريڪنگ سسٽم چيلينج آهي، ميزائل فوج جي طاقت کي وڌيڪ مضبوط ڪندو. روسي صدر ولادي مير پيوٽن جو وڌيڪ چوڻ هو ته ماسڪو خلاف جارحيت جي خواهش رکندڙ کي ڪيترائي ڀيرا سوچڻو پوندو………
ترڪيءَ جو صدر رجب طيب اردوان ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي سعودي عرب پهچي ويو
ترڪيءَ جو صدر رجب طيب اردوان ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي سعودي عرب پهچي ويو آهي. سعودي سرڪاري ميڊيا...