سنڌ جي راڄڌاني ۾ ٽرانسپورٽ جي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ جديد بسن جي پهرين کيپ ڪراچي پهچي وئي. سنڌ حڪومت طرفان عوام کي بهتري سفري سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ساموندي جهاز 120 بسون کڻي چين کان ڪراچي پهتو. ان سلسلي ۾ ٽرانسپورٽ واري صوبائي وزير اويس قادر شاهه جو چوڻ آهي ته ڊيزل هائبرڊ بسون انٽر سٽي پبلڪ ٽرانسپورٽ مصنوبي تحت ڪراچي جي 6 ضلعن ۾ 15 کان وڌيڪ روٽن تي هلايون وينديون. صوبائي وزير موجب، ڊيزل هائبرڊ انٽرسٽي منصوبي لاءِ مختلف علائقن ۾ بس اسٽاپ قائم ڪيا ويندا، منصوبي تحت 240 بسون ڪراچي ۽ 10 لاڙڪاڻي ۾ هلايون وينديون.
اتروزيرستان ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي دوران هڪ دهشتگرد مارجي ويو
اتروزيرستان ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي دوران هڪ دهشتگرد مارجي ويو، جڏهن ته ڏکڻ وزيرستان ۾ فوجي قافلي جي گاڏي...