سنڌ جي مختلف شهرن ۾ تيز هوا ۽ ڳڙي سان برسات پوڻ سبب گرمي جو زور ٽٽي ويو، جڏهن ته مختلف حادثن ۾ نينگري سميت 4 ڄڻا فوت ۽ 9 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا. لاڙڪاڻي ۾ ڳڙي سان طوفاني برسات ٿيڻ سبب روڊ رستا پاڻي هيٺ اچي ويا، جڏهن ته گهر جي ڀت ڪرڻ سبب نينگري فوت ٿي وئي. شهر سميت ڀرپاسي وارا علائقا ڳڙي جي برسات سبب اڇي چادر سان ڍڪجي ويا ۽ روڊن تي پاڻي بيهجي ويو. گهر جي ڀت ڪرڻ جي نتيجي ۾ نينگري ريشمان ڌيءَ معشوق ميرجت سخت زخمي ٿي پئي، جنهن کي وارثن چانڊڪا اسپتال پهچايو، جتي هو فوت ٿي وئي. وارثن ٻڌايو ته سندن نينگري برسات دوران راند کيڏي رهي هئي ته مٿان اوچتو ڀت ڪري پئي، جنهن ڪري فوت ٿي وئي.شڪارپور لاڙڪاڻي روڊ تي تيز طوفان ۽ برسات سبب 5 ٽاور ڪري پيا، جنهن ڪري بجلي فراهمي معطل ٿي وئي. رتيديري ۾ تيز طوفان سبب وڻ مٿان ڪرڻ سبب نوجوان فوت ٿي ويو. شهر ۽ ان ڀرپاسي وارن علائقن ۾ تيز طوفان سان برسات ٿي، جيڪا گھڻي وقت تائين جاري رهي جنهن سبب اڪثر علائقن ۾ بجلي جو نظام ڊوان ڊول ٿي ويو. تيز طوفان دوران نوجوان مٿان وڻ ڪري پيو جنهن سبب ڳوٺ پنهل سناڻي واسي عبداللطيف عرف ڀاڳيل خان پٽ فاضل سناڻي فوت ٿي ويو. ڊکڻ ڀرسان برسات دوران وڄ ڪرڻ سبب نينگرفوت ٿي ويو ۽ سندس سئوڙ زخمي ٿي پيو. ڳوٺ دوست محمد بروهي ۾ وِڄ ڪري پئي، جنهن سبب 14 ورهين جو سڌير پٽ لڌو خان بروهي ۽ نوجوان شوڪت علي بروهي سخت زخمي ٿي پيا، جن کي لاڙڪاڻي اسپتال منتقل ڪيو ويو. زخمين مان هڪ نينگر سڌير بروهي چانڊڪا اسپتال ۾ فوت ٿي ويو. خيرپور ۾ مٽي جي طوفان ۽ ڳڙي سان تيز برسات جو سلسلو وقفي وقفي سان جاري رهيو. طوفان سان گڏ برسات پوڻ سبب 7 شھري اسٽريٽ لائيٽ جا پول ڪرڻ سبب زخمي ٿي پيا. برسات پوڻ سبب روڊ رستن تي پاڻي بيهجي ويو. شهرين چيو ته ناقص مٽيريل استعمال ٿيڻ ڪري تيز ھوا لڳڻ سبب اسٽريٽ لائيٽ جا پول ٽڪرا ٽڪڙا ٿي ويا، انتظاميا ۽ ٺيڪيدارن خلاف جاچ ٿيڻ گھرجي. ڪوٽڏيجي ڀرسان ڳوٺ ڪوٽلو ۾ تيز هوا سبب گهر جي ڀت ڪرڻ سبب 7 سالن جو معصوم نينگر فوت ٿي ويو. ڀت جي هيٺان اچڻ ڪري محفوظ علي ڪانڌڙو ولد فهيم ڪانڌڙو ٿڏي تي ئي دٻجي دم ڏنو. سنڌڙي ڀرسان ڳوٺ پنهل مري ۾ کنوڻ ڪرڻ سبب 2 گھر سڙي رک ٿي ويا جڏهن ته نينگري بيهوش ي ويا جن کي ڦلهڏيون اسپتال منتقل ڪيو ويو. سکر شهر ۽ ڀرپاسي واري علائقن ۾ پڻ تيز هوا سان گڏ برسات ٿي. برسات پوڻ سبب گرمي جو زر ٽٽي ويو ۽ موسم خوشگوار بڻجي وئي. دادو شهر ۽ ڀرپاسي واري علائقن ۾تيز وسڪاري کانپوءِ گرمي جو زور ٽٽي ويو ۽ موسم خوشگوار بڻجي وئي. تيز طوفان سان برسات دوران بجلي جي فراهمي پڻ معطل ٿي وئي. ميروخان سميت ڀرپاسي ۾ به تيز هوا سان گڏ وسڪارو ٿيو. قمبر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ تيز هوا سان وسڪارو ٿيڻ سبب پاڻي بيهجي ويو جنهن سبب هنداڻن سميت سبزين جي فصل کي نقصان جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي. وڳڻ ۽ لعلو رائنڪ ۾ پڻ ڳڙي سان گڏ برسات ٿي، جنهن دوران زرعي زمينن ۾ بيٺل چڻا ، ڌاڻا، وڏف، تورين سميت ٻيو فصل ضايع ٿي ويو، جڏهن ته عام زندگي مفلوج بڻجي وئي. ڀرياروڊ ۾طوفاني برسات سبب ڪچن گهرن جون ڇتيون اڏامي ويون، جڏهن ته بجلي بند ٿي وئي. ڏوڪري، ننگرپارڪر،سرهاڙي، ٽنڊو رحيم خان، پکي، وارهه، ٺاروشاهه ۽ ڀرپاسي واري علائقي ۾ مٽيءَ جي طوفان سبب مواصلاتي نظام ڊوان ڊول ٿي ويو.
فريد آباد واسي پشاور ۾ دوست جي اوطاق تي مبينا آپگهات
فريد آباد واسي پشاور ۾ دوست جي اوطاق تي مبينا آپگهات ڪري ڇڏيو، اسلام ڪوٽ ۾ ناريءَ کوهه ۾ ٽپو...