سنڌ سرڪار فريد آباد ڀرسان ڳوٺ فيض محمد چانڊيو ۾ باهه لڳڻ واري واقعي جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. وڏي وزير جي هدايتن تي چيف سيڪريٽري سنڌ واقعي جي جاچ لاءِ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي جنهن جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، گھرو سيڪريٽري سعيد مڱڻيجو کي جاچ آفيسر مقرر ڪيو ويو آهي، گهرو کاتي جو سيڪريٽري اڄ متاثر ڳوٺ جو دورو ڪندو. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته واقعي جي جاچ ڪري 7 ڏينهن اندر چيف سيڪريٽري کي رپورٽ ڏيندي. جاچ ۾ باھ لڳڻ جا ڪارڻ، لاڳاپيل سرڪاري کاتن جي باھ وسائڻ لاءِ کنيل قدمن، ڪوتاهي بابت نشاندهي ڪئي ويندي. ٻئي پاسي گذريل ڏينهن باهه لڳڻ سبب جاني ۽ مالي نقصان بعد ڊي آءِ جي حيدرآباد نوٽيس وٺندي واقعي جا ڪارڻ معلوم ڪرڻ لاءِ پنج رڪني جاچ ڪميٽي جوڙي هئي. ڊي آءِ جي حيدرآباد طرفان ايس ايس پي دادو جي سربراهي ۾ 5 رڪني جاچ ڪميٽي جوڙي وئي. ڊي آءِ جي حيدرآباد جي ترجمان موجب ڪميٽي باهه لڳڻ جا ڪارڻ ۽ مالي نقصان جو جو اندازو لڳائيندي. ترجمان موجب جوڙيل ڪميٽي ستن ڏينهن اندر مڪمل جاچ ڪري رپورٽ جمع ڪرائيندي.
فيض گنج ڀرسان سول جج جي ڳوٺ واري اوطاق مان چوري خلاف فيض گنج بار پاران احتجاج
فيض گنج ڀرسان سول جج جي ڳوٺ واري اوطاق مان چوري خلاف فيض گنج بار پاران احتجاج ڪيو. ڳوٺ نيازي...