ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 103 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، گذريل 24 ڪلاڪن دوران هڪ به مريض فوت ناهي ٿيو. نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب، گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جون 21 هزار 904 ٽيسٽون ڪيون ويون. اين آءِ ايڇ موجب، ملڪ ۾ ڪورونا جي هاڪاري ڪيسن جي شرح ٻڙي ڏهائي 47 سيڪڙو رهي. سرڪاري پورٽل موجب، ڪورونا ۾ مبتلا 205 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. اين آءِ ايڇ جي پڌرائي موجب، ڪورونا ڪيسن جو مجموعي انگ 15 لک 27 هزار 589 ٿي ويو آهي.
اتروزيرستان ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي دوران هڪ دهشتگرد مارجي ويو
اتروزيرستان ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي دوران هڪ دهشتگرد مارجي ويو، جڏهن ته ڏکڻ وزيرستان ۾ فوجي قافلي جي گاڏي...