پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته دهشتگردن پاڪ چين دوستي کي نقصان پهچائڻ جي هڪ ناڪام ڪوشش ڪئي آهي، دهشتگردن جا ناڪام ارادا پاڪ چين دوستي کي ڇيهو پهچائي نٿا سگهن. عهدي جو قسم کڻڻ بعد پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري مملڪتي وزير حنا رباني کر سان گڏ اسلام آباد ۾ چيني سفارتخاني پهچي چيني اختيارين سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ڪراچي ۾ چيني شهرين تي دهشتگرد حملي ۾ جاني نقصان تي ڏک جو اظهار ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان ۽ چين وچ ۾ لاڳاپا وفا جو هڪ سلسلو آهي، جيڪو هلندو پيو اچي. هن چيو ته دهشتگردن پاڪ چين دوستي کي نقصان پهچائڻ جي هڪ ناڪام ڪوشش ڪئي آهي، دهشتگردن جا ناڪام ارادا پاڪ چين دوستي کي ڇيهو نٿا پهچائي سگهن. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيني سفارتخاني ۾ مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار به ڪيو.
اتروزيرستان ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي دوران هڪ دهشتگرد مارجي ويو
اتروزيرستان ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي دوران هڪ دهشتگرد مارجي ويو، جڏهن ته ڏکڻ وزيرستان ۾ فوجي قافلي جي گاڏي...