ترڪيءَ جو صدر رجب طيب اردوان ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي سعودي عرب پهچي ويو آهي. سعودي سرڪاري ميڊيا موجب، ترڪ صدر سعودي بادشاهه شاهه سلمان جي دعوت تي جـِديَ پهتو. ترڪ صدر رجب طيب اردوان سعودي بادشاهه شاهه سلمان ۽ ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان سان ڌار ڌار ملاقات ڪئي. ميڊيا رپورٽس موجب، ترڪ صدارتي آفيس مان جاري ڪيل فرمان ۾ چيو ويو آهي ملاقات دوران ترڪ سعودي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ، ٻن طرفن معاملن ۽ خطي جي صروتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. واضع رهي ته ترڪ صدر 2017 کانپوءِ سعودي عرب جو پهريون دورو ڪيو آهي .
ڀارت ۾ فوج ۾ نئين ڀرتي واري نظام خلاف احتجاج جو سلسلو جاري
ڀارت ۾ فوج ۾ نئين ڀرتي واري نظام خلاف احتجاج جو سلسلو جاري آهي. نئين فوجي ڀرتي واري نظام تحت،...