حڪومت، پنجاب جي گورنر عمر سرفراز چيمه کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو. ڪابينا ڊويزن پنجاب جي گورنر عمر سرفراز چيمه کي عهدي تان هٽائڻ جو نوٽيفيڪشن جاري ڪري ڇڏيو. نوٽيفيڪشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته وزيراعظم جي ايڊوائيس تي گورنر کي عهدي تان هٽايو ويو آهي، پنجاب اسيمبلي جو اسپيڪر چوڌري پريوز الاهي وقتي گورنر طور فرض انجام ڏيندو. هوڏانهن عهدي تان هٽائڻ بعد عمر سرفراز چيمه جي سڪيورٽي به واپس ورتي ويئي، پنجاب پوليس جي ذريعن جو چڌوڻ آهي ته عمر سرفراز گورنر هائوس آيو ته کيس اندر داخل ٿيڻ نه ڏنو ويندو. واضح رهي ته صدر عارف علويءَ عمر سرفراز چيمه کي هٽائڻ واري وزيراعظم جي تجويز رد ڪري ڇڏي هئي، صدر جو چوڻ هو ته عمر سرفراز چيمه آئين خلاف ڪو به ڪم ناهي ڪيو، کيس هٽائي نه ٿو سگهجي، صدر جي منظوريءَ کانسواءِ گورنر کي نه ٿو هٽائي سگهجي، آرٽيڪل 101 جي شق 3 تحت صدر جي رضامندي سان گورنر رهندو. صدر پاران تجويز رد ڪرڻ کانپوءِ وفاقي سرڪار پنجاب جي گورنر کي عهدي تان هٽائڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.
اتروزيرستان ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي دوران هڪ دهشتگرد مارجي ويو
اتروزيرستان ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي دوران هڪ دهشتگرد مارجي ويو، جڏهن ته ڏکڻ وزيرستان ۾ فوجي قافلي جي گاڏي...