وفاقي وزير خورشيد شاهه چيو آهي ته عمران خان سياسي نه هجڻ ڪري غير سياسي ڳالهيون ڪري پيو، هو ادارن ۽ مخالفن تي حملن کانسواءِ ڪجهه نٿو ڄاڻي. سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهيئندي خورشيد شاهه چيو ته عمران خان وٽ ڪو ٻيو موقف ناهي تڏهن ئي غلط ڳالهيون پيو. هن چيو ته عمران خان جي ڪارڪردگي ٻڙي آهي، عمران خان چئن ورهين ۾ ڪو سٺو ڪم ٻڌائي. خورشيد شاهه چيو ته عمران معيشت تباهه ڪئي، سڌارڻ ۾ وقت لڳندو، عمران خان ادارن ۽ مخالفن تي حملن کانسواءِ ڪجهه نٿو ڄاڻي. سندس چوڻ هو ته سڀني کي خبر آهي ته شيخ رشيد ڪيترو بهادر آهي، سندن سياست ڪنهن کي جيلن ۾ وجهڻ جي ناهي. خورشيد شاهه چيو ته ڪو قانون هٿ ۾ کڻندو ته قانون ان کي پڪڙيندو.
اتروزيرستان ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي دوران هڪ دهشتگرد مارجي ويو
اتروزيرستان ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي دوران هڪ دهشتگرد مارجي ويو، جڏهن ته ڏکڻ وزيرستان ۾ فوجي قافلي جي گاڏي...