وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، مئي جي آخري هفتي تائين بي آر ٽي منصوبو مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته هن مهيني جي آخر تائين بسون هلڻ گهرجن. وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ بي آر ٽي منصوبي بابت اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ صوبائي شرجيل انعام ميمڻ، مرتضيٰ وهاب، چيف سيڪريٽري ۽ ٻيا شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جي بريفنگ ڏيندي چيو ته اورينج لائن جو ڪجھه ڪم رهي ٿو، 20 بسن لاءِ ايس آءِ ڊي سي ايل پيا به ڏنا ويا آهن. بي آر ٽي اورينج لائن 3.8 ڪلوميٽرن تي ٻڌل ڪوريڊور آھي، ڪوريڊور تي 5 بس اسٽيشن آهن ۽ ٻه بس ويز آهن. ان موقعي تي سيد مراد علي شاهه چيو ته هن مهيني جي آخر تائين بسون هلايون وڃن ته جيئن عوام ڀرپور فائدو وٺي سگهي.
فيض گنج ڀرسان سول جج جي ڳوٺ واري اوطاق مان چوري خلاف فيض گنج بار پاران احتجاج
فيض گنج ڀرسان سول جج جي ڳوٺ واري اوطاق مان چوري خلاف فيض گنج بار پاران احتجاج ڪيو. ڳوٺ نيازي...