ٺل ويجهو پوليس مقابلي ۾ ٻن ڏوهارين کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، جڏهن ته ٻه اهلڪار زخمي ٿي پيا. ڳوٺ سوڍو ٺل ۾ مبينا پوليس مقابلو ٿي پيو، جنهن دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 ڏوهاري مارجي ويا جن جي سڃاڻپ چوٽو بنگلاڻي ۽ سندس ڀاءُ حليم بنگلاڻي کي طور ٿي آهي. رابطو ڪرڻ تي ڊي ايس پي نور محمد سهرياڻي ٻڌايو ته مقابلي ۾ ڏوهاري چوٽو ۽ حليم بنگلاڻي مارجي ويا آهن. هن چيو ته فائرنگ ۾ 2 پوليس اهلڪار علي حسن اوڍو ۽ هوت جعفري زخمي ٿي پيا آهن.
فيض گنج ڀرسان سول جج جي ڳوٺ واري اوطاق مان چوري خلاف فيض گنج بار پاران احتجاج
فيض گنج ڀرسان سول جج جي ڳوٺ واري اوطاق مان چوري خلاف فيض گنج بار پاران احتجاج ڪيو. ڳوٺ نيازي...