ٽرانسپورٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي کي هدايت ڪئي آهي ته اوورينج لائن منصوبو مڪمل ڪري ڏنو وڃي جيڪڏهن ڪو نه ٿو ڪري ته استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي. ٽرانسپورٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ عبدالستار ايڌي ٻي آر ٽي اوورينج لائن بابت سنڌ انفرااسٽرڪچر ڊولپمينٽ ڪمپني جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ سي آءِ ڊي سي ايل جي سي ايف او خادم حسين، جنرل مينيجر انجنيئر شفيع محمد، ڪنسلٽنٽ پروجيڪٽ مينيجر نيسپاڪ ريحان ضامن ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ عملدارن کي هدايت ڪئي ته کيس بنا دير اورينج لائن جي بسون روٽ تي هلندي نظر اچن گهرجن. هن چيو چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه پروجيڪٽ جو افتتاح ڪندو جيڪڏهن اهو ڪنهن کان نه ٿو ٿئي ته پوءِ استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. سندس چوڻ هو ته هڪ مهيني تائين ڪئمپ آفيس ۾ ٿاڪ ٺاهيو وڃي هو رات جو ڪنهن به وقت اچي چيڪ ڪري سگهي ٿو. صوبائي وزير نيسپاڪ ڪنسلٽنٽ کي سائن بورڊز، ڊاڪنگ ربيز، آءِ ٽي سسٽن هي انسٽاڪشن جو ڪم مڪمل ڪرڻ جي پڻ هدايت پڻ ڪئي.
ٺل ويجهو پوليس مقابلي ۾ ٻن ڏوهارين کي مارڻ جي دعويٰ
ٺل ويجهو پوليس مقابلي ۾ ٻن ڏوهارين کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، جڏهن ته ٻه اهلڪار زخمي ٿي پيا....