اڳوڻي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته حڪومت عوام تي بار مڙهيندي ته هر شيءِ جي قيمت آسمان تي چڙهي ويندي. لنڊن ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اسحاق ڊار چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت اهو تاثر ڏنو ته سبسڊي فنڊڊ وئي هئي پر ائين نه هو، هي ڪل 300 ارب رپين جو مسئلو آهي، جيڪڏهن عوام تي بار وڌو ته هر شيءِ جي قيمت وڌي ويندي، ان حوالي سان اتحادين سان صلاح مشورا ڪيا ويا. هن چيو ته پاڪستانين گذريل ڪجهه ورهين ۾ مهانگائي جو طوفان برداشت ڪيو آهي ۽ هاڻي اهو برداشت جوڳو ناهي، اتحادين جي مشاورت سان فيصلو ڪيو ويندو ۽ ڪوششون ڪئي ويندي ته عوام تي بار گهٽايو وڃي. پي ٽي آءِ تي تنقيد ڪندي اسحاق ڊار چيو ته اهي چونڊ چوري ڪري آيا هئا ۽ آئيني طريقي سان هليا ويا، پي ٽي آءِ کي اها ڳالهه هضم نه پئي ٿئي. هن چيو ته چونڊن جو فيصلو اتحادي پارٽيون ڪنديون جڏهن ته اليڪشن ڪمشنر موجب هو آڪٽوبر کان اڳ چونڊون نٿا ڪرائي سگهن، ٻيو آپشن آگسٽ 2023ع آهي. ن ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار چيو ته اتحادي حڪومت جي اجلاس ۾ نواز شريف ۽ هو موجود هئا، شهباز شريف لاءِ ضروري هو ته هو لنڊن اچي صلاح ڪري. اسحاق ڊار وڌيڪ چيو ته صدر پاڪستان جو عمل انتهائي نامناسب آهي، پاڪستان ۾ گهرو ويڙهه پکيڙڻ جي ڪوشش سٺي ڳالهه ناهي.
اتروزيرستان ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي دوران هڪ دهشتگرد مارجي ويو
اتروزيرستان ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي دوران هڪ دهشتگرد مارجي ويو، جڏهن ته ڏکڻ وزيرستان ۾ فوجي قافلي جي گاڏي...