پنجاب جي ڏاڍ مڙسي جاري، ارسا تڪراري چشما لنڪ ڪئنال ۾ پاڻي وڌيڪ کڻڻ شروع ڪري ڇڏيو. سنڌ ۾ پاڻي جي شديد بحران باوجود ارسا سي جِي ڪئنال ۾ پاڻي کڻت 958 ڪيوسڪ مان وڌائي 2 هزار ڪيوسڪ ڪري ڇڏي. سنڌ جي احتجاج تي ڪن لاٽاري ڪندي پنجاب جو هو وڌيڪ تڪراري ٽي پي لنڪ ڪئنال کولي 24 سئو ڪيوسڪ پاڻي ڇوڙ ڪيو ويو. سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ 62 سيڪڙو تائين پهچي چڪي آهي، گڊو بئراج جا ڪئنال اڄ بند پيل. سکربئراج وٽ مٿانهون وهڪرو 29 هزار 465 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 10 هزاز 200 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. ڪوٽڙي بئراج وٽ مٿانهون وهڪرو 5 هزار ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 100 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو.