سنڌ ۾ سخت گرمي ۽ ھيٽ اسٽروڪ جي لھر برقرار آهي جڏهن ته سنڌ حڪومت پاران ھارين ۽ آبادگارن کي احتياطي اپائن تي عمل ڪرڻ جي صلاح ڏني آهي. جاري ڪيل بيان ۾ زراعت واري صوبائي صلاحڪار منظور وساڻ پاران زراعت کاتي جي ضلعي آفيسرن کي ڪيمپون قائم ڪرڻ جي ھدايت ڪئي وئي. منظور وساڻ جو چوڻ آهي ته گرمي ۽ ھيٽ اسٽروڪ کان بچاءَ بابت آفيسر آگاھي مھم ھلائن. سندس چوڻ هو ته منجهند12وڳي کان شام 4 وڳي تائين سج ۾ ڪم کان پاسو ڪريو. زراعت واري صوبائي صلاحڪار منظور وساڻ چيو ته ڪم دوران ليمي، ڳڙ يا مٺائي جو شربت ٺاھي پيو، ھاري مٿي کي ڪپڙي سان ڍڪي ڪم ڪن ۽ پاڻي وڌ کان وڌ استعمال ڪن.