بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته هو اقتدار ۾ هجن يا نه هجن، ملڪ جي بهتري چاهن ٿا، ملڪ سان وفاداري ۽ محبت اقتدار سان مشروط ناهي . لنڊن ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته معاشي حالتن کي بهتر ڪرڻ ترجيح آهي، معاشي صورتحال جي بهتري لاءِ اڄ فيصلو ڪيو ويندو. بچاءَ واري وزير چيو ته هو معيشيت جي بهتري بعد ايندڙ چونڊن جو فيصلو ڪندا. سندس چوڻ تحريڪ انصاف کي اهو ئي ڪرڻو آهي جيڪو 2013 ۾ ڪيو هو، ڪنهن پي ٽي آءِ ميمبر استعيفيٰ ناهي ڏني، پي ٽي آءِ ميمبر پگهارون کڻي رهيا آهن ۽ انهن ته گاڏيون به واپس ناهن ڪيون. هن چيو ته هو ڌرڻي سان به مافيون وٺي رهيا آهن، هي چئي رهيا آهن ساڻن رابطا ٿي رهيا آهن پر هو پاڻ رابطن ڪري رهيا آهن ته بچايو وڃي. هن چيو ته عمران خان جو آمريڪا مخالف موقف رڳو ڊرامو آهي، عمران خان جو اقتدار ويو ته ادارن کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ شروع ڪري ڇڏيو، ڪڏهن امپورٽيڊ حڪومت ۽ ڪڏهن غداري جا سرٽيفڪيٽ ورهائي پيو، نواز شريف واپس ايندو ته سياسي پارو وڌندو .
اتروزيرستان ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي دوران هڪ دهشتگرد مارجي ويو
اتروزيرستان ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي دوران هڪ دهشتگرد مارجي ويو، جڏهن ته ڏکڻ وزيرستان ۾ فوجي قافلي جي گاڏي...