سنڌو درياءَ جي پاڻي وهڪرن ۾ بهتري بعد کوٽ گهٽجڻ لڳي آهي. سنڌ ۾ 24 ڪلاڪن دوران مجموعي کوٽ 61 سيڪڙو مان گهٽجي 57 سيڪڙو ٿي وئي. سکر بئراج وٽ پاڻي ۾ 2360 ڪيوسڪ اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. سکر بئراج وٽ پاڻي جي کوٽ 51 ڏهائي 4 مان گهٽجي 47 ڏهائي 8 سيڪڙو ٿي وئي آهي. سکر بئراج وٽ مٿانهون وهڪرو 33 هزار 370 ڪيوسڪ ٿي ويو. وهڪرن ۾ واڌ ٿيڻ سبب گڊو بئراج وٽ 7 هزار 575 ڪيوسڪ پاڻي جو اضافو ٿيو. گڊو بئراج وٽ مٿانهون وهڪرو 44 هزار 375 ۽ هيٺانهون وهڪرو 43 هزار 748 رڪارڊ ڪيو ويو. گڊو بئراج مان نڪرندڙ گهوٽڪي فيڊر ڪينال ۾ 246 ڪيوسڪ پاڻي ڇوڙ ڪيو ويو. ڊزرٽ پٽ فيڊر ۾ 246 ڪيو سڪ پاڻي ڇوڙ ڪيو ويو جڏهن ته بيگاري فيڊر بند آهي. تونسا بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 95 هزار ۽ هيٺانهون وهڪرو 85 هزار ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. تونسا بئراج کان گڊو بئراج تائين پنجاب جي ڪچي ۾ لڳل ٽيوب ويلن ۽ زمينداري بندن سبب سنڌ جي حصي جو 41هزار ڪيوسڪ پاڻي چوري جو سلسلو جاري آهي.
فيض گنج ڀرسان سول جج جي ڳوٺ واري اوطاق مان چوري خلاف فيض گنج بار پاران احتجاج
فيض گنج ڀرسان سول جج جي ڳوٺ واري اوطاق مان چوري خلاف فيض گنج بار پاران احتجاج ڪيو. ڳوٺ نيازي...