سڳيون ڀرسان مشوري برادري جي ٻن ڌرين ۾ مال جي ڀيل تان جهيڙي جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. ڳوٺ راوت مشوري ۾ ٻن ڌرين ۾ ۾جهيڙو ٿي پيو، جهيڙي دوران فائرنگ سان گڏ لٺين جو به استعمال ڪيو ويو. فائرنگ سبب هڪ ڌر جو ميهر مشوري ۽ ٻي ڌر جو وحيد مگسي زخمي ٿي پيا جڌهن ته لٺيون لڳڻ ڪري ناري هميران ڌي محم بخش، لعل بخش، سعيد ۽ نويد مرڻينگ ٿي پيا. زخمين کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال نيو ويو جتي کين طبي امداد ڏيڻ بعد گمس اسپتال ريفر ڪيو ويو. زخمين مان فهيد مشوري ۽ وحيد مگسي جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. آخري اطلاعن تائين جهيڙي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگھي هئي.
فيض گنج ڀرسان سول جج جي ڳوٺ واري اوطاق مان چوري خلاف فيض گنج بار پاران احتجاج
فيض گنج ڀرسان سول جج جي ڳوٺ واري اوطاق مان چوري خلاف فيض گنج بار پاران احتجاج ڪيو. ڳوٺ نيازي...