پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان سياسي مخالفن جي تنقيد کي منهن ڏئي رهيو آهي پر هاڻ پاڪستاني ماڊل ايان علي به مٿس تنقيد ڪندي چيو آهي ته عمران خان جي مٿس ڪوڙا الزام لڳائڻ کانسواءَ تقرير ۽ خبرون نه ٺهي ٺهندي آهي. ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ ايان علي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته هو مرڻ تائين ٻه عادتون نه ڇڏيندين، پهرين سندس نالي تي ٽي آر پي ڪمائڻ آهي، ڇاڪاڻ ته پاڻ ڪمائڻ ۽ کائڻ هن جي فطرت ۾ ناهي ۽ ٻيو ڪوڙ ڳالهائڻ، ڇاڪاڻ ته هن سچ ڳالهائڻ نه سکيو آهي. ايان علي چيو ته عمران خان چار سال وزيراعظم رهيو، ان باوجود مٿس ڪوڙا الزام لڳائڻ کانسواءَ سندس تقرير ۽ خبرون نه ٺهنديون آهن، جئين اڳ نه ٺهنديون هيون.
اتروزيرستان ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي دوران هڪ دهشتگرد مارجي ويو
اتروزيرستان ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي دوران هڪ دهشتگرد مارجي ويو، جڏهن ته ڏکڻ وزيرستان ۾ فوجي قافلي جي گاڏي...