ڪراچيءَ جي علائقي صدر ۾ زوردار ڌماڪي جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو ۽ 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جڏهن ته ڪيترن ئي گاڏين کي نقصان پهتو. دادئو پوٽه روڊ تي مشهور بيڪري ڀرسان ڪچري جي ڍير ۾ زوردار ڌماڪو ٿيو. ڌماڪي جي اطلاع تي پوليس ۽ رينجرز پهچي علائقي کي سيل ڪيو ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ڌماڪي جي نوعيت جو پتو لڳائڻ لاءِ بم ڊسپوزل اسڪواڊ کي به طلب ڪيو ويو، جڏهن ته جناح ۽ سول اسپتال ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري ڊاڪٽرن ۽ ٻئي عملي کي فوري طلب ڪيو ويو. ڊي آءِ جي ڏکڻ شرجيل کرل موجب، ڌماڪو اِي آءِ جي ڊوائيس ذريعي ڪيو ويو، جنهن ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو ۽ 8 ڄڻا زخمي ٿيا آهن، جن کي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. ڊي آءِ جي ڏکڻ جو چوڻ آهي ته ڌماڪي ۾ مارجي ويل عمر صديق جناح اسپتال ۾ ملازم هو ۽ بزرٽا لائين جو رهواسي هو. شروعاتي رپورٽ موجب، ڌماڪيدار مادو موٽر سائيڪل ۾ نصب هو، جنهن ۾ تقريبن هڪ ڪلو گرام ڌماڪيدار مادو موجود هو، ان ۾ بال بيئرنگ استعمال ڪيا ويا هئا. هوڏانهن جناح اسپتال جي ترجمان جو چوڻ آهي ڌماڪي جي 8 زخمين کي اسپتال آندو ويو جن ۾ شيروز، زاهد، عمر، فرزان، محمد عامر، عمران احمد، عبدالمنان ۽ ولي محمد شامل آهن. وڏي وزير مراد علي شاهه ڌماڪي جو نوٽيس وٺندي اي آءِ جي ۽ ڪمشنر ڪراچي کان رپورٽ طلب ڪري ورتي، وڏي وزير واقعي جي هر رخ کان جاچ ڪرڻ جي هدايت ڪئي، مراد علي شاهه هدايت ڪئي ته زخمين کي صحت جون بهترين سهولتون فراهم ڪيون وڃن.
فيض گنج ڀرسان سول جج جي ڳوٺ واري اوطاق مان چوري خلاف فيض گنج بار پاران احتجاج
فيض گنج ڀرسان سول جج جي ڳوٺ واري اوطاق مان چوري خلاف فيض گنج بار پاران احتجاج ڪيو. ڳوٺ نيازي...