ڪراچي صدر واري علائقي ۾ ٿيل بم ڌماڪي بابت بم ڊسپوزل اسڪواڊ شروعاتي رپورٽ تيار ڪري ورتي آهي، جڏهن ڌماڪي جا ٻيا سي سي ٽي وي فوٽيجز به سنڌ ٽي وي نيوز هٿ ڪري ورتا آهن. بم ڊسپوزل اسڪواڊ صدر ۾ ٿيل ڌماڪي جي شروعاتي رپورٽ ۾ ۾ چيو ته ڌماڪو سائيڪل ۾ ٿيو، اهو ڪچرو کڻندڙ مبينا افغاني جي سائيل ۾ نصب هو. رپورٽ ۾ چيو ويو ته ڌماڪي واري هنڌ تان ڪچرو کڻندڙ ڇوڪرو غائب آهي، ڌماڪي ۾ 2 ڪلو بارودي مواد ۽ اڌو ڪلو بال بيئرنگ استعمال ڪيا ويا. بم ڊسپوزل اسڪواڊ جي رپورٽ موجب ڌماڪو ٽائيم ڊوائس ذريعي ڪيو ويو، ماضيءَ ۾ ان نوعيت جا 2 ڌماڪا ڪيا ويا، هڪ شيري جناح ڪالوني ۽ ٻيو ماڙيپور روڊ تي ڪيو ويو. رپورٽ موجب ڪجهه جاچ ڪندڙن جي دعويٰ آهي ته ڌماڪو ريموٽ ڪنٽرول ڊوائس ذريعي ڪيو ويو. هوڏانهن ڌماڪي جا ٻيا سي سي ٽي وي فوٽيج به سامهون اچي ويا آهن. سي سي ٽي وي فوٽيجز ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته هڪ شخص سائيڪل ڪاهي اچي رهيو آهي. پوليس موجب بم سائيڪل ۾ نصب هو، سائيڪل تي سوار شخص ڊوائس ذريعي ڌماڪو ڪيو..
وڌيڪ پڙهو..