ڪشمور جي ڪچي واري علائقي ۾ ڪوش برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي جي نتيجي ۾ ٻن ڀائرن سميت 4 ڄڻا مارجي ويا ۽ هڪ نينگر زخمي ٿي پيو. ڪچي واري علائقي گيهلپور ۾ پراڻي تڪرار تان ڪوش برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو. جهيڙي جي نتيجي ۾ ٻنهي ڌرين طرفان ڳرن هٿيارن جو استعمال ڪيو ويو، جنهن ۾ ٻن ڀائرن سميت 4 ڄڻا مارجي ويا ۽ هڪ نينگر زخمي ٿي پيو. مارجي ويلن ۾سهڻو، صوبو، جانو ۽ موٽڻ ڪوش مارجي ويا جڏهن ته نينگر جاويد ڪوش زخمي ٿي پيو. ڌرين ۾ فائرنگ جو سلسلو وقفي وقفي سان جاري رهيو، جنهن سبب لاش ۽ زخمي ڪيتري دير سائين علائقي ۾ پيل رهيا. ٻنهي ڌرين طرفان ڳرن هٿيارن جي استعمال سبب علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو، جنهن سبب ڏهڪاءُ پکڙجي ويو.
فيض گنج ڀرسان سول جج جي ڳوٺ واري اوطاق مان چوري خلاف فيض گنج بار پاران احتجاج
فيض گنج ڀرسان سول جج جي ڳوٺ واري اوطاق مان چوري خلاف فيض گنج بار پاران احتجاج ڪيو. ڳوٺ نيازي...