سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان مسيحي برادري ۽ سندن مذهبي جذبن جو احترام ڪري. يڊيا سان ڳالهائيندي مريم اورنگزيب چيو ته عوام فاشسٽ ۽ ڪرپٽ ماڻهن کي جاءِ نه ڏيڻ چاهي ته پوءِ ان حڪومت ڪٿان آئي؟، جيڪڏهن ماڻهو خانگي ملڪيت ڏيڻ لاءِ تيار نه آهن ته پوءِ راڻا ثناءُ الله جو ڪهڙو قصور آهي؟. هن چيو ته عمران خان چاهي ٿو ته پرائي ملڪيت تي زبردستي جلسو ڪرايو وڃي، عمران خان ۽ سندس پارٽي کي مسيحي برادري ۽ سندن مذهبي جذبن جو احترام ڪرڻ گهرجي. مريم اورنگزيب چيو ته حڪومت مسيحي برادري جي احتجاج کي نظرانداز نه ٿي ڪري سگهي، تحريڪ انصاف، اسپورٽس جمنازيم پسرور ۾ ريلي جي تجويز ڇو قبول نه ڪئي؟. سڌ سماءَ واري وزير چيو ته عمران خان رڳو ڊرامو ڪرڻ چاهي ٿو، سندس مقصد رڳو تماشو آهي.