اڳوڻي پرڏيهي وزير ۽ پي ٽي آءِ جي سينيئر وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي چيو آهي ته لنڊن وڃڻ کان اڳ پاليسي ڪا ٻي هئي، پنجاب جي انتظاميا بنا جواز نه گهٻرائي، کين قانوني حق کان نٿو روڪي سگهجي. خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته ڪارڪنن پرامن رهن ۽ قانون هٿ ۾ نه کڻن پر جلسو ضرور ٿيندو. سندس چوڻ هو ته حڪومت جيڪا باهه ٻاري پئي اها سيالڪوٽ تائين نه رهندي. شاهه محمود قريشي چيو ته ڪوبه جاني نقصان ٿيو ته پنجاب حڪومت ذميوار هوندي. هن چيو ته پنجاب جي انتظاميا بنا جواز نه گهٻرائي، کين قانوني حق کان نٿو روڪي سگهجي. اڳوڻي پرڏيهي وزير ۽ پي ٽي آءِ جي سينيئر وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي چيو ته نون ليگ جي لنڊن وڃڻ کان اڳ پاليسي ڪا ٻي هئي، جيڪا هاڻ تبديل ٿي چڪي آهي.