احتساب عدالت، آمدني کان وڌيڪ ملڪيت واري ريفرنس ۾ اڳوڻي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار جا ٻيهر گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي جوابدارن جي بريت بابت درخواست جو فيصلو اسحاق ڊار جي گرفتاري سان مشروط ڪري ڇڏيو. bاسلام آباد جي احتساب عدالت جي جج محمد بشير آمدني کان وڌيڪ ملڪيت واري ريفرنس ۾ جوابدارن جي بريت واري درخواست جي ٻڌڻي ٿي. عدالت جوابدارن جي بريت بابت درخواست جو فيصلو اسحاق ڊار جي گرفتاري سان مشروط ڪندي سندس ٻيهر گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا. عدالت، ريفرنس ۾ شريڪ ٽن جوابدارن خلاف ٽرائل پڻ اسحاق ڊار جي گرفتاري تائين روڪي ڇڏيو. عدالت جو چوڻ آهي ته جيستائين اسحاق ڊار کي گرفتار ڪري پيش نه ڪيو ويندو، ريفرنس تي ڪارروائي اڳتي نه وڌائي ويندي. احتساب عدالت، اڳوڻي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار خلاف آمدني کان وڌيڪ ملڪيت واري ريفرنس جي ٻڌڻي اڻڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
جيڪي حڪمران مٿن مڙهيل آهن اهي 30 ورهين کان چوري ڪري رهيا آهن: عمران خان
پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته مڃيل ڪرپٽ ماڻهو مٿن مڙهيا ويا آهن. اسلام آباد ۾...