اسلام ڪوٽ ڀرسان نوجوان ناريءَ جو وڻ ۾ ٽنگيل لاش هٿ ڪيو ويو، وارثن ناري جي مڙس تي قتل جو الزام مڙهيو آهي. ڳوٺ وي هڱورجا ۾ 33 ورهين جي ريڪو زال ڪيئرو ڀيل جو وڻ ۾ ٽينگل لاش ڏسي ڳوٺاڻن پوليس کي اطلاع ڪيو.پوليس پهچي لاش کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي اسپتال پهچايو. فوتي عورت جي ڀاءُ جو چوڻ هو ته ڀيڻيوو سندس ڀيڻ تي تشدد ڪندو هو، کيس ماري لاش وڻ ۾ ٽنگي آپگهات جو ڊرامو رچايو آهي.ناريءَ جي پٽ ٻڌايو ته سندس والد امڙ تي تشدد ڪندو هو.پوليس موجب ناري مائٽن وٽ ترسيل هئي ۽ هڪ ڏينهن اڳ ساهري گهر آئي هئي، پوليس مارثم رپورٽ بعد وڌيڪ جاچ ڪئي ويندي.