وفاقي حڪومت ڊالر کي لغام ڏيڻ لاءِ غير ضروري ۽ لگزري شين جي امپورٽ تي مڪمل پابندي فيصلو ڪري ڇڏيو، زيراعظم شهبازشريف جو چوڻ آهي ته غير ضروري ۽ لگزري شين جي امپورٽ تي ناڻو خرچ ٿيڻ نه ڏنو ويندو. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ غير ضروري ۽ مهانگيون شيون ٻاهران گهرائڻ بابت اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ لگزري ۽ غير ضروري شيون ٻاهران گهرائڻ تي پابندي لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ هو ته غير ضروري ۽ مهانگيون شيون گهرائڻ تي ناڻي جا ذخيرا خرچ نه ٿيڻ ڏيندا. ذريعن موجب وزيراعظم انهن گزري ۽ غير ضروري شين تي پابندي مڙهي وئي آهي، ان جي استعمال نه ڪرڻ سان عام ماڻهن جي زندگين تي ڪو به اثر ه پوندو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم لگزري ڪارن ۽ ميڪ اپ سميت ٻيون غير ضروري شيون ٻاهران هرائڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي، جنهن تي فوري طور تي عمل ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن.ذريعن موجب وزيراعظم امپورٽ ۽ ايڪسپورٽ وچ ۾ واپاري خساري ۾ فرق سبب لگزري آئٽمز ٻاهران گهرائڻ تي پابندي لڳائي آهي جنهن سان رپئي جي اگهه ۾ وڌيڪ گهٽتائي نه ٿيندي..
جيڪي حڪمران مٿن مڙهيل آهن اهي 30 ورهين کان چوري ڪري رهيا آهن: عمران خان
پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته مڃيل ڪرپٽ ماڻهو مٿن مڙهيا ويا آهن. اسلام آباد ۾...