سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ شدت اختيار ڪري وئي، مجموعي طور پاڻي کوٽ 49 ڏهائي 8 سيڪڙو تي پهچي وئي، جڏهن ته پنجاب سي جي ۽ ٽي پي لنڪ ڪئنال مان مجموعي طور 21 هزار 307 ڪيوسڪ پاڻي کڻت جو سلسلو به جاري آهي. سکر بئراج وٽ پاڻي کوٽ 38 سيڪڙو تي پهچي وئي، بئراج وٽ 24 ڪلاڪن ۾ 2 هزار 700 ڪيوسڪ پاڻي واڌ رڪارڊ ڪئي وئي. بئراج وٽ مٿانهون وهڪرو 40 هزار 605 ۽ هيٺانهون وهڪرو 15هزار 555 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. سکر بئراج وٽ پاڻي گهرج 40 هزار هڪ سئو ڪيوسڪ آهي، جڏهن ته واهن ۾ 25 هزار 50 ڪيوسڪ پاڻي ڇوڙ ڪيو ويو. سکر بئراج وٽان ڪوٽڙي بئراج لاءِ هڪ هزار 45 ڪيوسڪ پاڻي ۾ واڌ ڪئي وئي. ڪوٽڙي بئراج وٽ پاڻي کوٽ کوٽ 66 ڏهائي 5 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي، ڪوٽڙي بئراج وٽ مٿانهون وهڪرو 5 هزار 350 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو صرف 100 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. پنجاب جي سي جي ڪئنال مان 12 هزار ڪيوسڪ پاڻي کڻت جاري، سي جي ۽ ٽي پي لنڪ ڪئنال ۾ مجموعي طور 21 هزار 307 ڪيوسڪ پاڻي کڻڻ جو سلسلو جاري آهي. ملڪ جي مٿانهن وارن علائقن ۾ گرمي پد وڌڻ لڳو، اسڪردو ۾ گرمي پد 28 ڏهائي 9سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.
فريد آباد واسي پشاور ۾ دوست جي اوطاق تي مبينا آپگهات
فريد آباد واسي پشاور ۾ دوست جي اوطاق تي مبينا آپگهات ڪري ڇڏيو، اسلام ڪوٽ ۾ ناريءَ کوهه ۾ ٽپو...