ملير ويجھو معصوم ٻارڙي ۽ نوجوان الڳ الڳ گم ٿي ويا، وارثن اغوا جو شڪ ظاھر ڪيو. ڳوٺ عيدو مان ھڪ ڏينھن اڳ ٽن ورهين جو معصوم ٻارڙو سامر احمد ولد سمير لغاري پرسرار نموني گم ٿي ويو. سامر جي والد سمير لغاري ٻڌايو ته نينگر گهر کان ٻاهر راند کيڏي رهيو ته اچانڪ گم ٿي ويو آھي. جنھن بعد ڳولا باوجود ڪو به پتو نه پيو. ٻئي طرف هڪ ڏينهن اڳ ڳوٺ عيدو مان 22 سالا نوجوان سيف علي عرف عدنان ولد محبوب علي ميرجت پرسرار طور گم ٿي ويو،سيف الله جي والد محبوب علي ميرجت صحافين کي ٻڌايو ته نوجوان کي اغوا ڪيو ويو آھي، ھو غريب آھن ڪنھن سان به ڪا دشمني ناھي. مغوي نينگر ۽ نوجوان جي وارثن وزير اعليٰ سنڌ ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي ته مغوين کي بازياب ڪري بيچيني ختم ڪئي وڃي…