سنڌ جي مختلف شهرن ۾ پاڻي جي شديد کوٽ خلاف آبادگارن احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا. فيض گنج ۽ ويهو واهه جي پڇڙي جي آبادگارن يامين چانگ، ضمير حسين، شعيب چانگ ۽ غلام مصطفي راڄپر جي اڳواڻي ۾ پڪاچانگ شهر جي مک چوڪ تي پهچي احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي. ڪيٽي بندر جي ٻن دارسي، مليرڙي شاخ ي پڇڙي جي آبادگارن پاڻي جي کوٽ خلاف حسيني بلوچ، شيش گهڻ ، مقبول شاهه ۽ اسلم ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڳاڙهو باءِ پاس تي نيشنل هاءِ وي ڪيٽي بندر ڳاڙهو روڊ تي ڌرڻو هنيو. کهڙا ڀرسان چانڊيا شاخ جي آبادگارن عبدالحميد چانڊئي، عبدالرزاق ڪلهوڙي، محمد اسماعيل ڪلهوڙي ۽ علي گوهر چانڊئي جي اڳواڻي۾ حتجاجي مظاهرو ڪري نٽهڻ اُس ۾ ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي آبادگارن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ سبب سندن زمينون غير آباد ٿي رهيون آهن. فصل سڪي سڙي رهيا آهن پر ڪو به واهر ڪرڻ وارو ناهي جو اڻي فراهم ڪري. هنن چيو ته جيڪو ٿورو گهڻو پاڻي اچي ٿو پڇڙي جي آبادگارن کي اهو به نه ٿو ڏنو وڃي جنهن ڪري پڇڙي جي آبادگارن تائين پاڻي صفا نه ٿو پهچي.