بلوچستان جي 32 ضلعن ۾ مڪاني چونڊن لاءِ پولنگ جو وقت شروع ٿي ويو آهي. صبح 8 وڳي کان شروع ٿيل پولنگ جو عمل بنا ساهيءَ جي شام 5 وڳي تائين جاري رهندو. ڊيرا مراد جمالي ۾ وارڊ نمبر 25 جي پولنگ اسٽيشن تي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي سبب ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا. جهيڙي سبب پولنگ عمل بند ٿي ويو ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. ايف سي، ليويز ۽ پوليس اهلڪار مقرر، سيڪيورٽي جا غير معمولي انتظام ڪيا ويا آهن. بلوچستان حڪومت جي ترجمان جو چوڻ آهي ته پاڪ فوج کي الرٽ رکيو ويو آهي. اليڪشن ڪميشن طرفان مڪاني چونڊن ۾ چمن کي انتهائي حساس قرار ڏنو ويو. اليڪشن ڪميشن موجب حساس پولنگ اسٽيشنن تي سيڪيورٽي جا سمورا انتظام ڪيا ويا آهن. اليڪشن ڪميشن اختيارين موجب 7 ميونسپل ڪارپوريشنز، 838 يونين ڪائونسلن، 5هزار 345 ڳوٺاڻن ۽ 914 شهري وارڊن تي اميدوارن وچ ۾ مقابلو آهي. بلوچستان لوڪل باڊي ايريا ۾ هڪ هزار 584 وارڊن ۾ بي مثال ڪاميابيون ٿي چڪيو آهن، جڏهن ته 4 هزار 456 تي اڄ مقابلو ٿيندو. رپورٽن مطابق مڪاني ادارن جي چونڊن ۾ ٽوٽل 23 هزار 835 اميدوار ميدان ۾ لٿل آهن….
جيڪي حڪمران مٿن مڙهيل آهن اهي 30 ورهين کان چوري ڪري رهيا آهن: عمران خان
پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته مڃيل ڪرپٽ ماڻهو مٿن مڙهيا ويا آهن. اسلام آباد ۾...