وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت بچائڻ لاءِ سموريون ڪوششون ناڪام ٿيڻ بعد پرڏيهي سازش جي ڪوڙي ڪهاڻي ٺاهي وئي، عمران خان جو ڪوڙ بي نقاب ٿي ويو آهي. وزيراعظم شهباز شريف عمران خان جي ليڪ ٿيل مبينا آڊيو ٽيپ تي ڳالهائيندي چيو ته آڊيو ٽيپ مان عمران خان جو ٻٽو معيار سامهون اچي ويو آهي. هن چيو ته عمران خان جو ڪوڙ بي نقاب ٿي چڪو آهي، عمران خان پاڻ ۽ حڪومت بچائڻ لاءِ اين آر او گهريو. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته جڏهن سموريون ڪوششون ناڪام ٿيون ته پرڏيهي سازش جي ڪوڙي ڪهاڻي ٺاهي وئي………..
جيڪي حڪمران مٿن مڙهيل آهن اهي 30 ورهين کان چوري ڪري رهيا آهن: عمران خان
پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته مڃيل ڪرپٽ ماڻهو مٿن مڙهيا ويا آهن. اسلام آباد ۾...