تحريڪ انصاف چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سپريم ڪورٽ ٻيهر مارچ لاءِ تحفظ فراهم نه ڪيو ته ڀرپور تياري سان اسلام آباد ويندا. پشاور ۾ وڪيلن جي ڪنوينشن کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته ملڪ ۾ سڀ حڪومتون ڪرپشن جي الزامن هيٺ ويون آهن، سندن پهرين حڪومت آهي جنهن تي ڪرپشن جو ڪو به الزام اهي، جيڪو خط آمريڪا مان آيو تنهن ۾ واضح نموني ڌمڪي ڏني وئي آهي. هن چيو ته هڪ سازش تحت تحريڪ انصاف حڪومت ختم ڪئي وئي آهي، ملڪ ۾ پهريون ڀيرو حڪومت ختم ٿيڻ تي ماڻهو روڊن تي نڪتا نه ته مٺايون ورهايون وينديون آهن. سندس چوڻ هو ته هو ڪنهن سان ڪا به جنگ نه ٿو چاهي ۽ نه وري ڪنهن سان خراب لاڳاپا چاهي ٿو پر ڪنهن جي غلامي قبول نه ڪئي ويندي، آمريڪا ٻڌي ڇڏي ته دوستي سڀني سان ڪندا، امن ۾ گڏ هوندا پر جنگ ۾ ساٿ نه ڏيندا. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته سڀاڻي ڪيس جي ٻڌڻي آهي، سپريم ڪورٽ کان فيصلو ورتو ويندو ته پرامن احتجاج جو جمهوري حق آهي يا ناهي، سپريم ڪورٽ رولنگ ڏي ته ڪهڙي بنياد تي ۽ ڪهڙي قانون تحت کين روڪيو ويو آهي، عدالت اهو به ٻڌائي ته اڳتي جڏهن هو ايندا ته ڇا سپريم ڪورٽ اهڙي قسم جي آمراڻي ۽ غير جمهوري قدم جي اجازت ڏيندي. عمران خان چيو ته هن رڳو ان ڪري ڌرڻو نه هنيو ته ملڪ ۾ تباهي مچي ويندي، ڏڦيڙ پکڙجندو، پوليس ۽ فوج خلاف نفرت پکڙجي ويندي. هن چيو ته سپريم ڪورٽ مان تحفظ مليو ته سندن هڪ حڪمت عملي هوندي ۽ نه مليو ته ٻئي حڪمت عملي هوندي، هو رنڊڪون هٽائڻ جي تياري ڪري ويندا. سندس چوڻ هو ته لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ جيڪو ٿي رهيو آهي اهو غير قانوني آهي، حمزا شهباز جي حڪومت بچائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي جيڪو اڪثريت وڃائي ويٺو آهي. عمران خان چيو ته ماڻهو اليڪشن ڪميشن طرف ڏسي رهيا آهن، حمزا شهباز کي هٽايو وڃي، نااهل ڪيو وڃي ۽ اليڪشن ڪرائي وڃي. اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو ته سندس حڪومتي دور رڳو ساڍا ٽي سال هليو آهي، 62 سال فوجي آمرن ۽ ٻن خاندانن حڪمراني ڪئي، شهباز شريف کي ٻيهر حڪومت ۾ غلامي لاءِ آندو ويو آهي، هي عوام نه پر ڪنهن ٻئي کي خوش ڪرڻ لاءِ فيصلا ڪندا آهن. هن چيو ته حڪمران اليڪشن ڪرائڻ کان ڊنل آهن ۽ عوام ۾ وڃڻ کان ڊڄي رهيا آهن ڇو ته چور ۽ غدار جا نعرا لڳن ٿا، مديني ۾ چور چور جا نعرا لڳا ته سندن ڪهڙو ڏوهه آهي؟ سندس چوڻ هو ته سپريم ڪوٽ شريف خاندان کي سسلين مافيا جو ٺيڪ لقب ڏنو آهي، هي يا ته ماڻهن کي خريد ڪندا آهن يا وري مارائي ڇڏيندا آهن، بينظير جون غير اخلاقي تصويرون ڪيرايون ويون، شريف خاندان کان وڌيڪ ٻيو ڪو به ڪريل خاندان ناهي. تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو ته سپريم ڪورٽ ۽ وڪيلن کي قانون جي بالادستي قائم ڪرڻي آهي، جيڪڏهن هنن اسٽينڊ نه ورتو ته سندن ٻار کين معاف نه ڪندا. هن چيو ته سپريم ڪورٽ شريف خاندان جي ڪيسن جي پاڻ نگراني ڪري، مانيٽرنگ جج بڻايو وڃي، جيڪڏهن وڏن واڳن ۽ چورن کي ناهي پڪڙڻو ته جيلن جا در کوليا وڃن، ظلم نه ڪيو غريب چورن کي به آزاد ڪيو وڃي.