مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز عمران خان تي اسرائيل سان خانداني لاڳاپا هئڻ جو الزام هنيو آهي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ تي جاري ڪيل بيان ۾ مريم نواز چيو ته فتنا خان سموري پاڪستان ۾ واحد شخص تون آهين جنهن جو اسرائيل سان سڌو خانداني واسطو آهي. هن چيو ته هڪ مسلمان پاڪستاني جي مقابلي ۾ زيڪ گولڊ سمٿ جي اليڪشن مهم هلائيندڙ مان توکي وارننگ ڏيان ٿي ڪوڙ ڳالهائڻ کان پاسو ڪري ٻئي صورت ۾ منهن لڪائڻ جي جاءِ نه ملندي. سندس چوڻ هو ته ڪوڙي خط، ڪوڙي عالمي سازش، قتل جو ڪوڙو ڊرامو فيل ٿيڻ کانپوءِ تاريخ جي سڀ کان ناڪام لانگ مارچ کانپوءِ هاڻي اسرائيلي وفد موڪلڻ جو ڏڦيڙ عمران خان جي هڪ ٻي ٻه نمبري آهي.