بنگلاديش جي ڪنٽينر ڊپو ۾ باهه لڳڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 34 ٿي ويو، جڏهن ته سوين زخمي ٿي پيا آهن. واقعو چٽگانگ کان 25 ميل پري سيتا ڪانڊا علائقي ۾ پيش آيو، جتي 4 جون جي رات هڪ شپنگ ڪنٽينر ڊپو ۾ باهه لڳي وئي.اي ايف پي سان ڳالهائيندي فائر برگيڊ اهلڪارن جو چوڻ هو ته علائقي ۾ موجود ڪيترن ئي ڪنٽينرن ۾ ڪيميڪل موجود هو جن ۾ ڌماڪا ٿيندا رهيا، جنهن سبب هن وقت تائين باهه تي ضابطو نه اچي سگهيو آهي. مقامي طبي عملي موجب، گهٽ ۾ گهٽ 34 ماڻهو حياتيون وڃائي ويٺا آهن ۽ 300 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن، جن مان ڪجهه جي حالت نازڪ آهي. هڪ فائر فائائيندڙ صحافين کي ٻڌايو ته ڪجهه لاش اڃا تائين متاثر ٿيل فيڪٽري ۾ پيل آهن. چٽگانگ پوليس چيف انور حسين چيو ته زخمين ۾ 40 فائر فائٽر ۽ 10 پوليس اهلڪار شامل آهن. چٽگانگ ضلعي جي انتظامي سربراهه مومن الرحمان جو چوڻ آهي ته حڪومت متاثر علائقي ۾ 200 فوجين کي مقرر ڪيو آهي ته جيئن ڪيميائي مادن کي سمنڊ تائين پهچڻ کان روڪي سگهجي. هن چيو ته باهه تي ڪافي حد تائين ضابطو آندو ويو آهي پر اڃا تائين ڪيترن ئي هنڌن تي باهه وسائڻ جون ڪوششون جاري آهن……………
ڀارت ۾ فوج ۾ نئين ڀرتي واري نظام خلاف احتجاج جو سلسلو جاري
ڀارت ۾ فوج ۾ نئين ڀرتي واري نظام خلاف احتجاج جو سلسلو جاري آهي. نئين فوجي ڀرتي واري نظام تحت،...