برطانوي وزيراعظم بورس جانسن خلاف بي اعتمادي جي رٿ ناڪام ٿي ويئي، بورس جانسن اعتماد جو ووٽ وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي.بورس جانسن خلاف بي اعتمادي رٿ تي ووٽنگ هائوس ڪامنز م ٿي ۽ ڳجهي راءِ شماري ذريعي ووٽ ڏنو ويو. برطانوي ميڊيا موجب ڪنزرويٽو پارٽي جي 1922 ڪميٽي جي سربراهه گراهم بريڊي نتيجن جو اعلان ڪندي ٻڌايو ته 359 مان 211 ميمبرن برطانوي وزيراعظم جي حق ۾ ۽ 148 ميمبرن بورس جانسن جي مخالفت ۾ ووٽ ڏنو، جڏهن ته بورس جانسن کي عهدي تان هٽائڻ لاءِ 180 ڪنزرويٽو پارليامينٽ ميمبرن جا ووٽ گهربل هئا. بي اعتمادي رٿ ۾ 59 سيڪڙو ڪنزرويٽو ايم پيز جانسن جي حق ۽ 41 سيڪڙو ايم پيز بورس جي مخالفت ۾ ووٽ ڏنو. واضح رهي ته 2019 ۾ وزارت اعظميٰ جي ذميداري سنڀاليندڙ بورس جانسن هن وقت پارٽي گيٽ اسڪينڊل تي دٻاءَ جو شڪار آهي، حڪمران جماعت ڪنزرويٽو پارٽي جي پارليامينٽ ميمبرن سندس اختيارن تي سوال اٿاريا، بي اعتمادي لاءِ 54 ميمبرن 1922 ڪميٽي سان رابطو ڪيو. برطانوي وزيراعظم کي سندس سرڪاري رهائشگاهه تي لاڪ ڊائون دوران پارٽي ڪرڻ سميت ڪيترن ئي اسڪينڊلز کانپوءِ پنهنجي پارٽي طرفان بي اعتمادي جي رٿ کي منهن ڏيڻو پيو……
ڀارت ۾ فوج ۾ نئين ڀرتي واري نظام خلاف احتجاج جو سلسلو جاري
ڀارت ۾ فوج ۾ نئين ڀرتي واري نظام خلاف احتجاج جو سلسلو جاري آهي. نئين فوجي ڀرتي واري نظام تحت،...