سن ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران سرڪاري اسپتال ۾ ڊاڪٽرن ۽ دوائن جي کوٽ خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو. ايس ٽي پي ڪارڪنن جي ايم سيد پليٽ فارم کان احتجاجي ريلي ڪڍي سخت نعريبازي ڪري اسپتال جي مين گيٽ آڏو ڌرڻو هنيو . ان تي اڳواڻن حميد ميمڻ، ممتاز ڇڇر، عمران سنڌي، غلام علي عمراڻي ۽ نزاڪت علي شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ جو تڪ آهي ان باوجود ھن تڪ ۾ ڪا سھولت موجود ناهي، سن اسپتال ۾ مريضن لاءِ دوائون ناھن مريضن کي ٻاهر جون دوائون لکي ڏنيون پيو وڃن. سندن چوڻ هو ته سن اسپتال ۾ ڊاڪٽرن ۽ سھولتون نه ھجڻ ڪري ماڻهو تڪليفن کي منهن ڏئي سيوهڻ يا حيدرآباد علاج لاءِ وڃي رهيا آهن. سندن چوڻ هو ته 2 بجي کان اسپتال بند ھوندي آھي ۽ انڊس هاءِ وي روڊ تي حادثا روز جو معمول بڻيل آهن زخمين طبي امداد لاءِ اسپتال آندو وڃي ٿو ته اسپتال ۾ علاج جون سھولتون نه هئڻ ڪري زخمين کي حيدرآباد يا سيوهڻ منتقل ڪيو وڃي ٿو جيڪي رستي تي ئي فوت ٿي وڃن ٿا.
وڌيڪ پڙهو…