ٺٽي ۾ سونڍا ڀرسان ڪينجهر پوليس پاران هوٽل تي چڙهائي ڪري نوجوان سليمان گندرو کي گرفتار ڪرڻ خلاف وارثن پاران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. گندرا برادري جي ماڻھن سونڍا شھر جي مين اسٽاپ وٽ حيدرآباد قومي شاهراھه تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. وارثن الزام هڻندي چيو ته پوليس نوجوان کي بيگناھه گرفتار ڪيو ويو آهي. هوڏانهن پوليس جو چوڻ آهي ته منشيات جو ڪاروبار ڪندڙ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آھي…