پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ ن پنجاب ۾ ننڍي چونڊ گڏجي وڙهڻ تي اتفاق ڪيو آهي. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري پنجاب جي وڏي وزير حمزا شهباز شريف سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ملڪي سياسي صورتحال ۽ ورڪنگ رليشن شپ تي ڳالهيون ڪيون ويون. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري حمزا شهباز کي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد پيش ڪئي ۽ ورڪنگ رليشن شپ مضبوط ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي اڳواڻن عمران خان جي غير جمهوري طريقن جو گڏجي مقابلو ڪرڻ ۽ ننڍي چونڊ گڏجي وڙهڻ تي اتفاق ڪيو. حمزا شهباز شريف چيو ته هو عوام جي خدمت ڪرڻ واري سفر ۾ هڪ آهن ۽ هڪ ئي رهندا، پ پ اتحادي پارٽي آهي سڀني کي گڏ کڻي هلندي. هن چيو ته ورڪنگ رليشن شپ وڌيڪ بهتر ڪرڻ لاءِ صلاح مشورو جاري رهندو ۽ مسلم ليگ ن ۽ پ پ جو اتحاد عوام جي خدمت لاءِ آهي، هو سياست کي عبادت سمجهي ٿو ۽ اجتماعي فيصلا ڪرڻ چاهي ٿو…
جيڪي حڪمران مٿن مڙهيل آهن اهي 30 ورهين کان چوري ڪري رهيا آهن: عمران خان
پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته مڃيل ڪرپٽ ماڻهو مٿن مڙهيا ويا آهن. اسلام آباد ۾...