تحريڪ انصاف ايم اين اي عامر لياقت جي لاڏاڻي تي قومي اسيمبلي جو اجلاس ملتوي ڪيو ويو. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو ته عامر لياقت جي لاڏاڻي جي افسوس جوڳي خبر ملي آهي، فوري طور ڪارروائي روڪڻ گهرجي. صدر عارف علوي، وزيراعظم شهباز شريف، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سميت ٻين عامر لياقت جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي. عامر لياقت 2002ع کان 2007 تائين قومي اسيمبلي جو ميمبر رهيو ۽ کيس پرويز مشرف جي دور ۾ کيس مذهبي معاملن جو وزير مقرر ڪيو ويو. عامر لياقت 2018ع جي چونڊن ۾ تحريڪ انصاف جي ٽڪيٽن تان ٻيهر قومي اسيمبلي ميمبر چونڊيو ويو. عامر لياقت پهرين شادي سيده بشريٰ اقبال سان ڪئي جنهن مان کيس ٻه ٻارڙا آهن، اهو تعلق 2020 ۾ طلاقت جي صورت ۾ ختم ٿيو. 2018ع ۾ عامر لياقت پاڪستاني ماڊل ۽ اداڪاره سيدا طوبي سان ٻئي شادي ڪئي. سيدا طوبا رمضان ٽرانميشن ۾ عامر لياقت سان ساٿي ميزبان طور به نظر آئي. فيبروري 2022ع ۾ سيده طوبا انور عامر لياقت کان طلاق حاصل ڪئي. 5 فيبروري 2022ع تي لوڌران واسي 18 ورهين جي سيدا دانيا شاهه سان عامر لياقت ٽئين شادي ڪئي جيڪا به گهڻي دير نه هلي سگهي…