دادو ۾ شهرين لوڊشيڊنگ، مهانگائي، پاڻي کوٽ ۽ ٻين مسئلن جي حل لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. رابطه ڪاميٽي سول سوسائيٽي جي سڏ تي غلام مصطفيٰ جانوري، فاروق جتوئي، عارف جمالي، غفور شاهه، زاهد شاه، ذوالفقار انڙ ۽ مختيار جتوئي جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو علامتي بک هڙتال ڪئي. ان موقعي تي شهري اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته دادو ۾ سيپڪو انتظاميه 16 کان 18 ڪلاڪ جي هٿرادو لوڊشيڊنگ ڪري شهرين جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي. سندن چوڻ هو گرمي پد 50 سينٽي گريڊ هئڻ باوجود لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي جنهن سان عوام سخت پريشان ٿي رهيو آهي. هنن چيو ته هٿرادو مهانگائي سبب غريب مسڪين ماڻهو سخت پريشان آهي، ميونسپل جي پوڻا ٽي ڪروڙ روپيه ماهوار بجيٽ هجڻ باوجود شهر گندگي جي ور چڙهي ويو آهي، ڪامورن جي نا اهلي سبب شهري پيئڻ جي پاڻي ڦڙي لاءِ پريشان آهن.