ڪراچي جي عدالت دعا زهرا ڪيس ۾ ڊي ايس پي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي جاچ آفيسر کي فوري طور پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. جوڊيشل مئجسٽريٽ اوڀر جي عدالت ۾ دعا زهرا جي اغوا بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، دعا زهرا جو والد عدالت پهتو ۽ جڏهن ته پوليس هڪ عورت سميت 12 جوابدارن کي به عدالت ۾ پيش ڪيو. ٻڌڻي دوران پوليس مبينا نڪاح پڙهائيندڙ کي به عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو. عدالت پڇاڻو ڪندي چيو ته دعا زهرا جي مڙس ظهير کي پيش ڇو ناهي ڪيو ويو؟. ڊي ايس پي چيو ته هو جاچ آفيسر ناهي ان جي طبيعت خراب آهي.