ملڪ جي مختلف شهرن ۾ بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ جو سلسلو جاري آهي، سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ 6 کان 18 ڪلاڪن تائين بجلي جي لوڊشيڊنگ جا اطلاع آهن. سنڌ جي مختلف شهرن ۾ به ڪلاڪن جا ڪلاڪ بجلي بند هجڻ سبب شهري سخت پريشاني کي منهن ڏئي رهيا آهن. ڪوئيٽا ۾ 8 کان 10 ڪلاڪ بجلي بند رهڻ لڳي آهي، جڏهن ته بلوچستان جي ڳوٺاڻن علائقن ۾ لوڊشيڊنگ 20 ڪلاڪن تائين پهچي وئي آهي. ٻئي طرف ليسڪو پاران لوڊشيڊنگ جو مدو ساڍا 3 ڪلاڪ گهٽائڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي.وزيراعظم شهباز شريف کي ملڪ ۾ بجلي جي تازي صورتحال تي به بريفنگ ڏني وئي آهي. وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ آهي ته لوڊشيڊنگ جي خاتمي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، عوام جا مسئلا گهٽ ٿيڻ گهرجن….