نئين مالي سال 23-2022ع جي وفاقي بجيٽ اڄ پيش ڪئي ويندي. ناڻي وارو وفاقي وزير ڊاڪٽر مفتاح اسماعيل وفاقي بجيٽ ۽ فنانس بل پيش ڪندو. سنڌ ٽي وي نيوز کي مليل ڄاڻ موجب نئين مالي سال 23-2022ع جي وفاقي بجيٽ جو ڪاٿو ساڍا 9 هزار ارب آهي، جنهن ۾ وفاقي خرچن جو اندازو 8 هزار 900 ارب لڳايو ويو آهي. سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ 5 کان 10 سيڪڙو واڌ جو امڪان آهي. وفاقي بجيٽ ۾ ايف بي آر کي 7 هزار 2 سئو 55 ارب رپين جي ٽيڪس اوڳاڙيءَ جو حدف ڏيڻ جو امڪان آهي، نان ٽيڪس اوڳاڙين جي مد ۾ هڪ هزار 6 سئو 26 ارب رپين جو اندازو لڳايو ويو آهي. نئين مالي سال جي وفاقي بجيٽ ۾ اين ايف سي تحت وفاق کان صوبن کي 4 هزار 2 سئو 15 ارب رپيا منتقل ٿيندا، بچاءَ لاءِ بجيث هڪ هزار 5 سئو 36 ارب رپيا مخصوص ڪرڻ جي تجويز آهي. نئين مالي سال ۾ 12 سئو 32 ارب رپين جي گرانٽ ڏني ويندي، قرض ۽ وياج جي ادائگين لاءِ 3 هزار 523 ارب رپيا رکڻ جي تجويز آهي. بجيٽ ۾ حڪومتي معاملا هلائڻ لاءِ 5 سئو 50 ارب گهربل هوندا، پينشن جي مد ۾ 5 سئو 30 ارب رپيا مخصوص ڪرڻ جي تجويز آهي، سبسڊيز جي مد ۾ 5 سئو 78 ارب رپيا مخصوص ڪرڻ جي تجويز آهي. نئين مالي سال جي وفاقي بجيٽ جو خسارو 4 هزار 2 سئو 82 ارب رپيا ۽ معيشيت جي 5 ڏهائي 5 سيڪڙو تائين جي تجويز آهي. ايندڙ مالي سال ۾ معيشيت جو ڪاٿو 78 هزار 197 رپيا هوندو، جڏهن ته ترقيءَ جي شرح جو حدف 5 سيڪڙو مقرر ڪيو ويو آهي. زراعت جي شعبي ۾ ترقيءَ جي شرح جو حدف 3 ڏهائي 9 ۽ صنعتن جي شعبي ۾ ترقيءَ جي شرح جو حدف 5 ڏهائي 9 سيڪڙو رکڻ جو حدف مقرر ڪيو ويو آهي. نئين مالي سال جي وفاقي بجيٽ ۾ خدمتن جي شعبي ۾ ترقيءَ جي شرح جو حدف 5 ڏهائي هڪ سيڪڙو ۽ ماليات توڙي انشورنس جي شعبن ۾ معاشي ترقيءَ جو حدف 3 ڏهائي 8 سيڪڙو رکيو ويو آهي. ريئل اسٽيٽ جي شعبي ۾ ترقيءَ جو حدف 3 ڏهائي 8 ۽ تعليم جي شعبي ۾ ترقيءَ جو حدف 4 ڏهائي 9 سيڪڙو مقرر ڪيو ويو آهي. نئين مالي جي بجيٽ ۾ ترقياتي ڪمن لاءِ 2 هزار 184 ارب رپيا رکڻ جي تجويز آهي، جن مان وفاقي جي ترقياتي بجيٽ 800 ارب رپيا هوندي، جڏهن ته صوبن لاءِ ترقياتي بجيٽ 1384 ارب رکي وئي آهي، چارئي صوبا به 276 ارب پرڏيهي امداد مان حاصل ڪندا. بجيٽ ۾ قومي اسيمبليءَ جي ميمبرن لاءِ پبلڪ اسڪيم لاءِ 91 ارب رپيا رکڻ جي تجويز آهي، انفراسٽرڪچر جي اڏاوت تي 433 ارب ۽ سماجي ڪمن تي 144 ارب رپيا خرچ ڪرڻ جي تجويز آهي. نئين مالي سال جي وفاقي بجيٽ ۾ توانائيءَ جي شعبن لاءِ 84 ارب ۽ ٽرانسپورٽ توڙي مواصلات لاءِ 227 ارب، پاڻيءَ جي رٿائن لاءِ 83 ارب، پلاننگ ۽ هائوسنگ لاءِ 39 ارب رپيا مخصوص ڪيا ويا آهن. بجيٽ ۾ زراعت جي ترقيءَ لاءِ 13 ارب ۽ انڊسٽريز لاءِ 5 ارب رپيا رکڻ جي تجويز آهي. نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ اِيرا لاءِ ڪي به فنڊ نه رکيا ويا آهن. موجوده مالي سال ۾ ترقياتي رٿائن لاءِ نظرثاني ٿيل بجيٽ 5 سئو 50 ارب آهي، جڏهن ته وفاقي ترقياتي پروگرام لاءِ 900 ارب رپيا رکيا ويا هئا.
وڌيڪ پڙهو