وزيراعظم ميان شهباز شريف وفاقي ڪابينا جو خاص اجلاس اڄ گهرائي ورتو آهي، جنهن ۾ نئين مالي سال جي وفاقي بجيٽ جي منظوري ڏني ويندي. وفاقي ڪابينا جو اڄ خاص اجلاس گهرايو ويو آهي. اڄوڪي اجلاس ۾ نئين مالي سال 23-2022ع جي فنانس بل جي منظوري ڏني ويندي. اجلاس ۾ نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ نوان ٽيڪس لڳائڻ جي حوالي سان پڻ وزيراعظم ڪابينا کي اعتماد ۾ وٺندو. وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ اضافي جي منظوري پڻ ڏني ويندي. اجلاس ۾ وفاقي بجيٽ پارليامينٽ ۾ پيش ڪرڻ جي منظوري پڻ ڏني ويندي….