دوداپور ويجهو پوليس چڙهائي ڪري ٻن ڳوٺاڻن کي گرفتار ڪري ورتو. ڳڙهي خيري جي ڊي ايس پي سڌير احمد ڀيو جي اڳواڻي ۾ پوليس ڳوٺ حاجي رستم ملغاڻي تي چڙھائي ڪري ٻن ڄڻن کي گرفتاري ڪري وئي. پوليس جي اهڙي عمل خلاف ڳوٺاڻن احتجاجي مظاهرو ڪري ڪري گرفتار ٻن ڳوٺاڻن جي آزادي جو مطالبو ڪيو. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ ڳوٺاڻن ميڊيا کي ٻڌايو ته پوليس بنا جنهن سبب جي سندن گهرن تي چڙھائي ڪري ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري وئي آهي جيڪا سراسر ناجائزي آهي. پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڪجهه ڏينهن اڳ ملغاڻي ڀنڊ تڪرار تان زخمي ٿيل ٻن ڄڻن جي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ چڙهائي ڪئي.