پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته روس ۽ يوڪرين معاملي تي پهريون به نيوٽرل هئا ۽ هاڻي به آهن، مهانگائي سبب پاڪستان سميت سموري دنيا کي جنگ جو نقصان ٿي رهيو آهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عمران خان خلاف بي اعتمادي رٿ کي روس جي دوري سان جوڙڻ درست ناهي.